ڪينسر جي هڪ مريض لاءِ انجيڪشنن جي خريداري ۾ هڪ ڪروڙ جي ڪرپشن

ڪراچي: ليبرکاتي جي ماتحت اداري سيسي جي اسپتال ۾ ڪينسر جي هڪڙي مريض لاءِ انجيڪشنن جي خريداري ۾ به هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جي ڪرپشن، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي، ايم ايس کي نوٽيس جاري، رڪارڊ طلب. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سيسي جي وڏي ۾ وڏي اسپتال ڪلثوم ٻائي وليڪا ۾ ڪينسر جي انجيڪشنن جي خريداري ۾ به هڪ ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن موجب اسپتال انتظاميا نجي ڪمپني کان ڪينسر جي انجيڪشن ڪيڊسيلا خريد ڪئي آهي. اها انجيڪشن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هڪ اسٽاف نرس لاءِ خريد ڪئي وئي. دستاويزي ثبوتن موجب انجيڪشن جي اصل قيمت هڪ لک 81 هزار آهي پر وليڪا اسپتال انتظاميا اها انجيڪشن 5 لک 75 هزار ۾ خريد ڪئي آهي. هن وقت تائين اسٽاف نرس کي 22 ڊوز لڳي چڪا آهن. اهڙي ريت مجموعي طور انجيڪشن جي خريداري ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن طرفان اسپتال جي ايم ايس ممتاز شيخ کي نوٽيس اماڻي رڪارڊ گھريو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته شڪايت ملي آهي ته ڪينسر جي انجيڪشن تمام مهانگي اگهه تي خريد ڪئي وئي آهي. ڪنهن آفيسر سان گھربل رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب دوائن جي خريداري سيسي جي ڪمشنر جي منظوري کانسواءِ ممڪن ناهي، ڪمشنر سيسي اسحاق مهر کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب هڪ مريض جو نالو سامهون آيو، اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪل ڪيترا مريض آهن، جن جي لاءِ مهانگي اگهه تي انجيڪشنون خريد ڪيون ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔