ڪراچي: ڪانگو وائرس جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ، ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو.
اڄ ڪراچي جي ڏکڻ ۽ وچ واري ضلعي مان ڪانگو وائرس جا ٻه ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ڪانگو وائرس سبب ٻه مريض فوت ٿي چڪا آهن.
ڪانگو وائرس سبب فوت ٿيلن جو واسطو ڪراچي جي علائقن ايف سي ايريا ۽ ڊفينس سان آهي.
56 ورهين جي فوتي فيروز مقتدر ٻڪرا منڊي ڀرسان موجود الاعظم اسڪوائر جو رهواسي هو.
ٻڪرا منڊي سان گڏ موجود بس اسٽينڊ جي ڪري ٻين شهرن ڏانهن ماڻهن جي اچ وڃ سبب ڪانگو وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔