گوگل ميپس ۾ بهترين فيچر متعارف

گوگل ميپس سڄي دنيا ۾ نيوي گيشن لاءِ مشهور ترين سروس آهي جنهن جو استعمال روزانو ڪروڙين ماڻهو ڪندا آهن.
هاڻ گوگل ان ۾ ماحول دوست روٽس جو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد گاڏين مان هاڃيڪار گئسن جي خارج ٿيڻ کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
ڪمپني موجب اهو فيچر ٻارڻ جو استعمال گھٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو جنهن لاءِ ننڍن روٽس جي نشاندهي ۽ ٽريفڪ جام جهڙن عنصرن ۾ مدد ملندي.
گوگل طرفان جاري ڪيل بيان موجب تيز ترين روٽس جي نشاندهي سان گڏوگڏ ٻارڻ بچائيندڙ رستن کي به ڊسپلي ڪيو ويندو، ان فيچر سان اوهان ٻارڻ بچائڻ ۽ ٻئي رستي وچ ۾ فرق کي ڏسي سگھندا ۽ بهترين چونڊ ڪري سگھندا.
ماحول دوست رستن جي نشاندهي ڊائريڪشن سان گڏ هڪ ننڍي سائي پن ذريعي ڪئي ويندي جيڪا گئسن جي گھٽ خارج ٿيڻ ۽ ٻارڻ بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
گوگل دعويٰ ڪئي آهي ته ماحول دوست رستن سان هر سال 10 لک ٽن زهريلي گئسن جي خارج ٿيڻ جي روڪٿام ٿي سگھي ٿي جيڪا روڊن تان 2 لک گاڏيون هٽائڻ جي برابر آهي.
هن وقت اهو فيچر سڀ کان پهريان آمريڪا ۽ اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ اهو ايندڙ سال ڪنهن به وقت دستياب هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔