ٻارن کي شام کان اڳ گهر موٽڻ جو چئو:فهد مصطفيٰ جو مشورو

پاڪستاني اداڪار فهد مصطفيٰ باليووڊ جي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ نوجوانن ۾ منشيات جي استعمال تي پنهنجوموقف پيش ڪري ڇڏيو.فهد مصطفيٰ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته منشيات واقعي اسان جي نوجوانن کي نقصان پهچائي رهي آهي.
اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات سولائي ملي ٿي وڃي، اسان جي حڪومت کي ان تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ۽ والدين جي حيثيت سان پنهنجي ٻارن تي نظر رکڻ گهرجي، انهن کي چئو ته اهي شام ٿيڻ کان اڳ گهر واپس موٽي اچن، آزادي هجي پر ڇوٽ نه هجي.واضح رهي ته شاهه رخان جي پُٽ آريان کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن منشيات واپرائڻ بابت به اعتراف ڪيو آهي ۽ ڀارتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو طرفان سندس جي واٽس ايپ مان اهم چيٽ ملڻ جا انڪشاف به ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔