جيڪي ماڻهو ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهين اهي منهن ڀر ڪرندا:شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهين اهي منهن ڀر ڪرندا، راولپنڊي ۾ وومين يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نالا لئي ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون،

نالا لئي ايڪسپريس وي منصوبي بعد سياست کي الوداع ڪري ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏينداسين، اليڪشن ويجهو ايندي ئي ن ليگ ۾ هاڻي ٻه نه پر 3گروپس ڏسي رهيو آهيان،

گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ حساس ۽ ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي ،

پاڪستان جي سياست ۾ 120 ڏينهن اهم آهن، سياستدان اولهه طرف ڏسي رهيا آهن پر سياست اوڀر کان اڀري رهي آهي، عمران خان افغان معاملي کي صحيح طريقي سان هينڊل ڪندو.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔