ٽي20 ورلڊ ڪپ:رانديگرن ۾ نفسياتي مسئلا، آءِ سي سي جو وڏو قدم

ڪرڪيٽ جي عالمي گورننگ باڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) فيصلو ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 دوران رانديگرن ۾ ڪورونا سيفٽي ببل ۾ رهندي ذهني صحت بابت وڌندڙ مسئلن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ نفسيات جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.
هلندڙ مهينن ۾ وبا جي ڪري رانديگرن ۾ ذهني دٻاءَ جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال انگلينڊ جو بين سٽوڪس آهي جيڪو ذهني صحت جي مسئلن جي ڪري ڊگهي موڪل تي آهي، ٻين ناليوارن رانديگرن به مختلف دورن ۽ ٽورنامينٽن دوران بائيو سڪيورڊ ببلز جي دٻاءَ جي شڪايت ڪئي آهي.
بائيو سڪيورڊ ببل اسٽريس جي ڪري ڪيترائي رانديگر گڏيل عرب امارت ۾ ٿيندڙ انڊين پريميئر ليگ ۾ به شامل نه ٿيا ۽ ڪجهه اهو ايونٽ ڇڏي ويا.
17 آڪٽوبر کان گڏيل عرب امارتن ۽ عمان ۾ شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ 16 ملڪن جون ٽيمون هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ دوران گهڻي قدر پنهنجي هوٽلن تائين محدود رهنديون.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي سيڪيورٽي ۽ بائيوسيفٽي جي سربراهه اليڪس مارشل خميس تي صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه رانديگر يقينن ان (بائيو ببل) سان متاثر هوندا. انهن جي ذهني صحت ٻيهر محدود حالتن ۾ رهڻ سان متاثر ٿيندي، خاص ڪري انهن ماڻهن جي جيڪا ڊگهي عرصي کان اهڙي حالتن ۾ رهي رهيا آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي رانديگرن جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪ موجود هوندي ۽ مدد گهرڻ وارو ڪهڙو به رانديگر هوندو هڪ نفسيات جي ماهر سان ڪهڙي وقت به ڳالهائي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔