سکر: ميونسپل ڪارپوريشن مان ناياب 400 ڪلو وزني گھنٽي چوري

سکر: سکر ميونسپل ڪارپوريشن مان انگريز دور جي ناياب 400 ڪلو وزني گھنٽي چوري ٿي وئي. ميونسپل ڪارپوريشن جي احاطي مان چوري ٿيندڙ گھنٽي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جاچ شروع ٿي وئي آهي. 1910ع انگريزن واري دور ۾ لڳل گھنٽي شھر جي خوبصورتي تصور ڪئي ويندي ھئي، چار سو گرام وزني گھنٽي جڏھن وڄائي ويندي ھئي ته پوري شھر ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو.ڄاڻايل گھنٽي تقسيم کان پوءِ بي قدريءَ جو شڪار ٿي لاٿي وئي، ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسر جي تعمير ۽ وٽائي کان پوءِ اُھا گھنٽي ملبي ھيٺان ملي ھئي. ذريعن موجب گھنٽيءَ جي صفائي ڪري لڳائڻ لاءِ پلاننگ ڪئي پئي وئي ته گھنٽي چوري ٿي وئي، ميونسپل ڪارپوريشن طرفان بي سيڪشن ٿاڻي تي پراڻي گھنٽيءَ جي چوريءَ جي ايف آءِ داخل ڪرائي وئي آھي. ايڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري جو چوڻ آهي ته انگريزن جي دور واري گھنٽيءَ جي واپس لاءِ ڪوششون جاري آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔