ڪراچي ۾ تيزاب ھاري زخمي ڪيل کدڙي فقير دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ تيزاب ھاري زخمي ڪيل کدڙي فقير دم ڏئي ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورنگي جي بلال ڪالوني ۾ غلام مصطفيٰ عرف صائم تي سندس دوست تيزاب سان حملو ڪيو جنهن جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو. زخمي کدڙي فقير کي اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته هن کان اڳ پوليس واقعي کي ڦر مزاحمت قرار ڏنو ھو، هاڻي پوليس چوي ٿي غلام مصطفيٰ عرف صائم تي سندس دوست تيزاب سان حملو ڪيو. جڏهن ته ساٿي کدڙا فقيرن جو چوڻ آهي ته قيصر گھر ۾ اچي صائمه تي تيزاب ھاريو، هو ان وقت حملو ڪيو جڏھن ھو ستو پيو ھو، کدڙا فقير چون ٿا ته قيصر ۽ صائمه جي دوستي ھئي، قيصر پئسا گھرندو رھندو ھو، پئسا نه ڏيڻ تان ھن صائمه تي حملو ڪيو. هنن چيو ته پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناھي ڪيو، اسان غير محفوظ آھيون،اسان جي ڪميونٽي جا 2 ڄڻا ساڳي ئي علائقي ۾ قتل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔