پينڊورا ليڪس: اردن جي بادشاهه جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت شاهي محل جي وضاحت

ڪراچي؛ پينڊورا پيپرز ۾ اردن جي بادشاھ عبدالله جي پرڏيهه ۾ 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جي ملڪيتن بابت شاهي محل جي وضاحت سامهون اچي وئي آهي. اردن جي شاهي خاندان جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”بادشاهه عبدالله آمريڪا ۽ برطانيه ۾ فليٽن ۽ گهرن جو مالڪ آهي. اها ڪا ڳجهي يا نئين شيءِ ناهي. شاهي محل چيو ته پرڏيهي رهائشون سيڪيورٽي ۽ سياسي سببن جي ڪري ظاهر نه ڪيون ويون آهن. پينڊورا پيپرز ۾ اردن جو بادشاهه عبدالله 10 ڪروڙ ڊالرز جي ملڪيت جو مالڪ نڪتو آهي ۽ سندس وڪيل جو چوڻ آهي ته بادشاهه عبدالله اها ملڪيت پنهنجي پئسن سان خريد ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔