پاڪستان تي آڱر نه کڻو، آمريڪي سينيٽر پيش ڪيل بل تي ڏمرجي پيو

واشنگٽن: آمريڪي سينيٽر ڪرس وان هولن ڪانگريس ۾ افغانستان بابت پيش ڪيل بل تي پاڪستان جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو. پاڪستاني آمريڪن ڊيموڪريٽ طاهر جاويد سان ڳالهائيندي سينيٽر ڪرس وان هولن ڪانگريس ۾ پيش ڪيل بل تي سخت تنقيد چيو ته ڪو ئي به سينيٽر بل پيش ڪري سگهي ٿو، ان جو اهو مطلب ته نه آهي بل قانوني حيثيت اختيار ڪري. هن چيو ته پاڪستان تي آڱريون نه کنيون وڃن، ان 20 سينيٽرز کي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪرڻ گهرجي جيڪو پاڪستان ۽ اشرف غني حڪومت کان قيدي آزاد ڪرائي طالبان کي اقتدار ۾ آندو ۽ دوحه معاهدي ۾ افغان فورسز تي حملا روڪڻ تائين شامل نه ڪرايو. ڊيموڪريٽ اڳواڻ طاهر جاويد جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪڏهن به عالمي مفادن جي خلاف ڪم نه ڪيو، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون، بين الاقوامي امن لاءِ پاڪستان جي قربانين جي ساراهه ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔