عمر شريف کي امريڪا کڻي وڃڻ لاءِ ايئر ايمبولنس ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي : مشهور پاڪستاني ڪاميڊين عمر شريف کي علاج لاءِ امريڪي گادي واري شهر واشنگٽن کڻي وڃڻ لاءِ ايئرايمبولنس ڪراچي پهچي وئي، سول ايوي ايشن ذريعن موجب فلائٽ آءِ ايف اي 1264 فلپائن جي منيلا ايئرپورٽ کان ڪراچي پهتي، اداڪار عمرشريف دل جي تڪليف سبب نجي اسپتال ۾ داخل آهي.

شيڊول موجب ايئرايمبولنس گذريل رات 11وڳي ڪراچي پهتي هئي، آچر ڏهاڙي عمرشريف جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب منتقلي معطل ڪئي وئي، واشنگٽن ۾ عمرشريف جي علاج بابت اداڪاره ريما جي مڙس ڊاڪٽر طارق شهباب قدم کنيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔