اختلاف وساري ڪراچي جي بھتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

ڪراچي : وزيراعظم ڪي سي آر منصوبي جي پيڙهه جو پٿر   رکي ڇڏيو آھي،  ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي شهر ٺهڻ سان ترقي ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير ٻيٽن بابت منصوبي تي نظرثاني ڪري

وزيراعظم عمران خان چيو تھ ٻيٽن جي منصوبي بابت سنڌ سرڪار سان ڳالهائينداسين، سياسي اختلاف وساري ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ اسان ڪي سي آر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وڃون پيا، ڪراچي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جو آهي.

 وفاقي وزير اسد عمر چيو آھي تھ ڪراچي ۾ 5 وڏن منصوبن تي  ڪم جاري آهي، ڪي سي آر  منصوبي سان ڪراچي واسين کي فائدو ٿيندو،  گرين لائن منصوبو به آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو، آڪٽوبر ۾ وزيراعظم گرين لائن منصوبي جو افتتاح ڪندو، ڪراچي جي ٽن وڏن نالن مان 11 لک ٽن ڪچرو ڪڍيو ويو.

ڪينٽ اسٽيشن تي  تقريب، وزيراعظم ۽ ٻيا شريڪ، گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به تقريب ۾ شريڪ، اعظم سواتي جو چوڻ ھو تھ بدقسمتي سان ڪراچي  گند جو ڍير بڻجي ويو.

ريلوي واري وزير جو چوڻ ھو تھ ڪي سي آر منصوبي لاءِ سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو،50سالن ۾ ريلوي کاتو نقصان ۾ رهيو، ريلوي کي منافع بخش ادارو بڻائينداسين، ڪي سي آر منصوبو ڪراچي واسين لاءِ وفاق جو تحفو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔