اڳڪٿي ڪريان ٿو ته نواز ليگ مان ٻن بدران 3 ڌڙا نڪرندا:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ شهباز شريف کي پڪ ڏياريون ٿا ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿينديون، حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ بهتر فضا هجڻ گهرجي ته جيئن شفاف چونڊون ٿي سگهن، سٺي خبر آهي ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن ويجهو اچي رهيون آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کي دفن ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ شهباز شريف پنهنجي پارٽي لاءِ دم درود جو انتظام ڪري، اڳڪٿي ڪريان ٿو ته نواز ليگ مان ٻن بدران 3 ڌڙا نڪرندا، نواز ليگ ڏڦيڙ ۽ جوڊو ڪراٽي جي سياست سان برباد ٿي ويندي، ٻن سالن بعد نئون سياسي ماحول هوندو.

ھن وڌيڪ چيو تھ اسلام آباد حساس علائقو آهي، اُن کي ڏڦيڙ جو شڪار ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ ڪنهن به ڪَر کنيو ته اُن کي ڪچليو ويندو………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔