نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ وارو مامرو عدالت پهچي ويو

ڪراچي: اڳوڻي گورنر ۽ نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ وارو مامرو عدالت پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ محمد زبير خلاف وڊيو اسڪينڊل جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.

سٽي ڪورٽ ۾ ٻن وڪيلن طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته محمد زبير گورنر جي عهدي تي رهي سنگين ڏوهه ڪيو آهي، سندس وڊيو مامري جي جاچ ڪرائي وڃي، ٿي سگهي ٿو ته وڊيو ذريعي عورت کي بليڪ ميل ڪيو ويو هجي، وڊيو جي بنياد تي اڳوڻي گورنر کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو ته اِن معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔