سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ داخل درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ داخل درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون، درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکيا ويا آھن.

 عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته صدارتي نظام لاءِ درخواستن ۾ اُٿاريل نقطو سياسي آهي، ملڪ جو آئين جمهوري نظام جي بُنياد تي آهي، آئين صدارتي نظام جي معاملي ۾ ڪا به رهنمائي نه ٿو ڪري.

 سپريم ڪورٽ آئين جي رهنمائي بنا ڪا به ڪارروائي جو اختيار نه ٿي رکي، عدالت وٽ سياسي نظام تبديل ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه چيو ته احمد رضا قصوري صاحب! عدالت کي اڻ لاڳاپيل مامرن ۾ نه وجهو.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔