نواز شريف جعلي ويڪسينيشن مامرو: ٻه سينيئر ڊاڪٽرز معطل، سيڪريٽري طلب

ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جعلي ويڪسينيشن انٽري تي ايڪشن، لاهور جي ڪورٽ خواجا سعيد اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر احمد نديم ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر منير کي معطل ڪيو ويو آهي.

معطل آفيسرن کي صحت کاتي ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، هن کان علاوه ڪورونا ويڪسين جي جعلي انٽري ۾ ملوث اسپتال جي ٽن ملازمن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ٻن ملازمن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

نواز شريف جي جعلي ڪورونا ويڪسينيشن انٽري تي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ پوليس الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي موجب چوڪيدار ابو الحسن ۽ وارڊ بواءِ عادل نواز شريف جي جعلي انٽري لاءِ ٽئين ملازم نويد جي آءِ ڊي استعمال ڪئي.

پوليس ٽنهي جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ابو الحسن ۽ عادل کي گرفتار ڪري ورتو.

جڏهن ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو.

ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير کي نواز شريف جي جعلي ڪورونا ويڪسينيشن انٽر جي مامري تي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ويڪسينيشن ڊيٽا جي انٽري چوڪيدار ۽ وارڊ بواءِ ڪندا رهيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال جا 4 ملازم نواز شريف جي ڊيٽا داخل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اسپتال ۾ نگراني جي کوٽ هئي، جنهن جي ڪري هي واقعو پيش آيو، سينٽر ۾ ڪو به سينيئر اسٽاف مقرر ناهي ڪيو ويو، ڊيٽا انٽري جو اختيار اسپتال انتظاميه وارڊ سرونٽ ۽ چوڪيدار کي ڏئي ڇڏيو هو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن هي انڪشاف ٿيو هو ته نواز شريف کي سائنو ويڪسينيشن 22 سيپٽمبر تي ڪئي وئي ۽ ٻي ڊوز لاءِ کيس 20 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي، هي مامرو سامهون اچڻ تي اين سي او سي پنهنجي ڊيٽا جو رڪارڊ به ختم ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔