سخت سزائون ڏينداسين، ڦاهي ۽ هٿ ڪپڻ وارو دور واپس اچي ويندو: طالبان

ڪراچي: افغان طالبان جي باني اڳواڻ نور الدين تراپي چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن تي موت ۽ هٿ ڪپڻ جي سزا وارو دور موٽي ايندو پر ممڪن آهي ته هن ڀيري سزائون سري عام نه ڏنيون وڃن.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ملا نورالدين ترابي ماضي ۾ طالبان جي طرفان ڏنل سزائن تي تنقيد کي رد ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو ته هو افغانستان جي نئين حڪمرانن جي مامرن ۾ مداخلت نه ڪن.

هن چيو ته ڪير به اسان کي نه ٻڌائي ته اسان جا ڪهڙا قانون هجڻ گهرجن، اسان اسلام تي عمل ڪنداسين ۽ قرآن جي روشني ۾ پنهنجا قانون ٺاهينداسين.

ملا نورالدين ترابي موجب سيڪيورٽي لاءِ هٿ ڪپڻ جهڙي سزا ضروري آهي ڇو ته هن جو واضح اثر هو، ڪابينا عوامي سطح تي سزا ڏيڻ بابت غور ڪري رهي آهي پر هن حوالي سان باقاعده هڪ پاليسي تيار ڪئي ويندي.

هن چيو ته جيڪڏهن سريعام سزائون ڏنيون ويون ته ماڻهن کي وڊيوز ۽ فوٽوز ٺاهڻ جي اجازت هوندي ته جيئن ٻيا ماڻهو عبرت حاصل ڪري سگهن.

طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته ماضي ۾ اسٽيڊيم ۾ ماڻهن جي هجوم جي سامهون ڏنل سزائن جي حوالي سان هر ڪنهن اسان تي تنقيد ڪئي، پر اسان ڪڏهن به انهن جي سزائن ۽ قانون جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي.

انٽرويو ۾ ملا نورالدين ترابي وڌيڪ چيو ته طالبان ماضي جي مقابلي ۾ هاڻي تبديل ٿي ويا، هاڻي طالبان ٽيليويزن، موبائل، تصويرون ۽ وڊيوز جي اجازت ڏينداسين، ڇو ته هي ماڻهن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته طالبان ميڊيا کي پنهنجو پيغام عوام تائين پهچائڻ جو هو ذريعو تسليم ڪري ٿو، جنهن ذريعي اسان پنهنجو پيغام سون جي بجاءِ لکين ماڻهن تائين پهچائي سگهون ٿا.

هن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ججز ۾ عورتون به شامل هونديون، ڪيسز ٻڌنديون پر افغانستان جي قانون جا اساس قرآن هوندو.

واضح رهي ته نورالدين ترابي 1980 جي ڏهائي ۾ روس جي خلاف وڙهندي پنهنجي هڪ ڄنگهه ۽ اک کان محروم ٿي ويو هو، طالبان جي نئين حڪومت ۾ هن کي جلين جو انچارج بڻايو ويو آهي.

طالبان جي ٻين ميمبرن جيان نورالدين ترابي تي به گڏيل قومن پاران پابندي لڳل آهي، ملا ترابي جي حوالي سان هي ڳالهه مشهور آهي تهو هو قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ٺاهه نه ڪرڻ وارن مان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔