ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : ڪراچي ۾ بجلي ورهائيندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي 97 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب ڪي اليڪٽرڪ درخواست آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي آهي.
نيپرا چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 1.76 ارب رپيا گهريا آهن، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔