پاڪستان ۾ هاڻ 18 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار ٽڪ ٽاڪ نه هلائي سگهندا

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ٽڪ ٽاڪ کان پري رکڻ لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا.
پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ ايپ تي غير اخلاقي ۽ اعتراض جوڳي مواد جي روڪٿام بابت رپورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايپ تي غير اخلاقي مواد جي روڪٿام لاءِ فوڪل پرسن جي مقرري سان گڏ هڪ اهڙو مڪينزم ترتيب ڏنو پيو وڃي، جنهن سان 18 ورهين کان گهٽ عمر جا ٻار ايپ تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهندا.
چيف جسٽس قيصر رشيد خان ۽ جسٽس اعجاز انور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٽڪ ٽاڪ ايپ تي غير اخلاقي ويڊيوز جي روڪٿام لاءِ نازش مظفر ۽ سارا علي ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
پي ٽي اي اختيارين پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ فوڪل پرسن کي مقرر ڪيو پيو وڃي، جيڪو ريگيوليٽر ۽ ايس ايم پليٽ فارم اينڊ ريگيوليشن سان رابطي ۾ رهندو ته جيئن اهڙي مواد کي بلاڪ ڪري سگهجي.
پي ٽي اي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي گهڻن واهپيدارن جو انگ 14 کان 18 سالن جي وچ ۾ آهي، اهڙو مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن سان ننڍي عمر جا ٻار ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ نه کولي سگهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔