افغانستان جون ست پارليامينٽ ميمبر عورتون ملڪ ڇڏي يونان پهچي ويون

ڪابل: افغانستان جون 7 پارليامينٽ ميمبر عورتون ملڪ ڇڏي يونان پهچي ويون آهن.
يونان جي پرڏيهي وزارت موجب پارليامينٽ ميمبر عورتن کي نيويارڪ ۾ قائم هڪ اين جي اوز جي مدد سان افغانستان مان ڪڍيو ويو ۽ هو هاڻ جارجيا جي گادي واري شهر تبليسي جي رستي ايتهنز پهچنديون جنهن سان گڏ ان جا گهر ڀاتي به شامل آهن.
پرڏيهي وزارت موجب پارليامينٽ ميمبر عورتون بنيادي حقن، اظهار جي آزادي ۽ حقن جي حاصلات جون حامي آهن. افغان پارليامينٽ ميمبر عورتن ۽ سندس گهر ڀاتين جي ميزباني ڪجهه وقت جي لاءِ يونان ۾ ڪئي ويندي. جيستائين آمريڪا ۾ انهن جي منتقلي ۽ رهائش مڪمل نٿي ٿي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔