سکر: عدالت خورشيد شاهه خلاف داخل ٿيل پٽيشنز اڪلائي ڇڏيون

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئينچ خورشيد شاهه خلاف داخل ڪيل ٻه پٽيشنز اڪلائي ڇڏيون. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ طاهر شاهه ۽ وڪيل محمد علي شاهه طرفان خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي هئي. خورشيد شاهه جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته خورشيد شاهه هاڻي جيل ۾ آهي. وڪيل جي آگاهي بعد عدالت ٻنهي پٽيشز کي اڪلائي ڇڏيون. واضح رهي ته خورشيد شاهه لڳ ڀڳ ٻن سالن کان اين آءِ سي وي ڊي ۾ داخل هجڻ ۽ مبينا طور کيس سهولتون ملڻ خلاف پٽيشنز داخل ڪرايون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔