پي سي بي چيئرمين رميز راجا پاران انگلينڊ بورڊ جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آھي تھ اھڙي طرح بلاڪ ٺاھي روڪيو ويو تھ اسان به اڳتي ھلي ڪنھن جو لحاذ نه ڪنداسين، اولهه بلاڪ اسان کي بلاڪ ڪيو، هاڻ ڪنهن جو لحاذ نه ڪنداسين.
پي سي بي چيئرمين رميز راجا انگلينڊ بورڊ جي فيصلي تي ڪاوڙ  ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو ٿيڻو هو، اسان دنيا ۾ وڃي کيڏندا آهيون، پر جڏهن پاڪستان جو وارو ايندو آهي ته سڀني سان مسئلا ٿي ويندا آهن، اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر رد عمل ظاهر ڪيو ته افغانستان مان واپسي وقت پي آءِ اي جي جهاز ۾ ويهي رهندا آهن، ڪرڪيٽ کيڏڻ وقت سڪيورٽي جا مسئلا ٿي ويندا آهن.

ھڪ وڊيو بيان ۾ رميز راجا چيو تھ انگلينڊ جي دستبردار ٿيڻ جي فيصلي سان سخت مايوسي ٿي، اسان جي اميد ھئي تھ انگلينڊ اسان جي مدد لاءِ ايندو، انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪلچرل لاڳاپا بھ آھن.

ھن جو چوڻ ھو تھ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين سان ڳالھ ٿي ھئي، ھُن اھو چيو تھ اوھان کي ان جو بھ سوچڻو آھي جيڪي ماڻھو اُتي رھن ٿا، ان کي بھ مايوسي ٿي.

ھن چيو تھ اھڙي طرح بلاڪ ٺاھي روڪيو ويو تھ اسان بھ اڳتي ھلي ڪنھن جو لحاذ نھ ڪنداسين، پي سي بي جي چيئرمين جو چوڻ آھي تھ اسان جي لاءِ ھي سڀ ھڪ سبق بھ آھي، اسان انھن جي خواھشن کي اکين تي رکون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔