هاڻي نه ڪا ٽيم ايندي ۽ نه ئي رستا بند ٿيندا، توھان کي گھٻرائڻو نه آھي: شاھد خاقان عباسي

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي چيو آھي تھ هاڻي نه ڪا ٽيم ايندي ۽ نه ئي رستا بند ٿيندا، توهان کي گهٻرائڻو نه آهي، وزيراعظم ڪرڪيٽ سبب رستا بند ٿيڻ جو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو آھي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت تي تنقيدي وار ڪندي چيو آهي ته مسواڙي صلاحڪارن ۽ وزيرن جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وزيراعظم کي مليل تحفا ڇو لڪايا پيا وڃن، حڪومت کي ٻين ملڪن طرفان ڏنل تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا ويندا آهن.

توشه خانه انتظاميا تحفي جو اگهه طئه ڪري لاڳاپيل ماڻهو کي خط لکندي آهي ته تحفو پاڻ وٽ رکڻ جي صورت ۾ فلاڻي رقم جمع ڪرايو، ملڪ ۾ نام نهاد احتسابي عمل کي چوٿون سال شروع ٿي ويو، فواد چوڌري جي ڀاءُ کي نيب چيئرمين لڳايو وڃي ته سڀ ڏکيائيون حل ٿي وينديون.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔