نادرا جي لهجي مان تاثر ملي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڄڻ ماتحت ادارو آهي :اليڪشن ڪميشن

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن نادرا چيئرمين کي جوابي خط لکي ڇڏيو آھي، خط ۾ چيو ويو آھي تھ نادرا جَي لهجي مان تاثر ملي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڄڻ ماتحت ادارو آهي ۽ نادرا حڪم ڏئي رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن چيو ته نادرا آءِ ووٽنگ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان 2 ڏهائي 4 ارب رُپين جو معاهدو ڪرڻ گهري ٿو، نادرا آءِ ووٽنگ واري پهرئين منصوبي کي ڇو ڇڏيو؟ اُنهي منصوبي تي 6 ڪروڙ 65 لک رُپيا خرچ ٿي چڪا هئا،  چونڊن لاءِ نئين طريقيڪار تي عملدرآمد اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، موجوده نظام ۾ خاميون آهن ته ٻڌايو وڃي اُن جو ذميوار ڪير آهي؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔