پاڪستان جي ٽي ٽي پي کي معافي جي مشروط آڇ

ڪراچي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن طالبان پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث نه هجڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ته پاڪستان هنن کي معافي ڏيڻ تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پرڏيهي وزير جو بيان صدر عارف علوي جي طرفان پاڪستان جي نجي ٽي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سامهون آهيو آهي.

پنهنجي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو ته حڪومت ڪالعد ٽي ٽي پي جي ان ماڻهن کي ايمنسٽي ڏيڻ جو سوچي سگهي ٿي جيڪي هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستاني آئين کي تسليم ڪن ۽ هو ڏوهن ۾ ملوث نه هجن.

هاڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به هڪ انٽرويو ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ معافي جي مشروط آڇ ڪئي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن تحريڪ طالبان پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث نه هجڻ جو واعدو ڪري ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم ڪري ته پاڪستان هنن کي معافي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته افغان جيلن مان ٽي ٽي پي جا قيدي نڪرڻ وارين خبرن تي ڳڻتي آهي، پر طالبان جي طرفان پنهنجي سر زمين پاڪستان سوڌو ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ڏيڻ وارو اعلان سٺو سنوڻ آهي.

شاهه محمود قريشِي جو چوڻ آهي ته اسان اشرف غني حڪومت کي لاڳيتو ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪندا رهيا آهيون پر هنن ڪو به ايڪشن نه ورتو، هاڻي اسان ڏسي رهيا آهيون طالبان هنن جي خلاف ڪهڙا ايڪش ٿو کڻي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔