سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻ جوڳي قرار هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست تي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه صادق ۽ امين نه رهيو آهي. مراد علي شاهه  چونڊن ۾ ٻٽي شهريت لڪائي هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. حليم عادل شيخ چيو آهي ته مراد علي شاهه صادق ۽ امين نه آهي.

سنڌ جي وڏي وزير ٻٽي شهريت جي باوجود 2007 ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو. اسان عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔