اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا سبب بند پيل سمورا تعليمي ادارا اڄ کان کلي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اڄ کان سمورا تعليمي ادارا کلي ويا آهن. اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو حاضري واري فارمولي تي عمل ڪرڻ کان علاوه  شاگردن ۽ عملي کي ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو.

اسڪول ۽ هائر ايجوڪيشن کاتي طرفان ڌار ڌار نوٽيفڪيشن ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪاليج ۽ يونيورسٽين کي به کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سموري ملڪ ۾ بنا ويڪسينيشن جي ٽرينن ۾ سفر تي اڄ کان پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. 15 سيپٽمبر تائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز ۽ 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ڊوز لڳرائيندڙن مسافرن کي سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي.

هوڏانهن پنجاب جي 15 مان 10  ضلعن ۾ مڪمل ۽ پنج ضلعن ۾ 50 سيڪڙو سوارين سان پبلڪ ٽرانسپورٽ کي 12 ڏينهن بند رکڻ کان پوءِ کوليو ويو. لاهور، فيصل آباد، ملتان، سرگودها ۽ گجرات ۾ پنجاهه سيڪڙو سواريون ويهارڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. باقي سمورن ضلعن ۾ مڪمل طور تي 100 سيڪڙو سوارين سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔