فالج جا خطرا گهٽائڻ واري خوراڪ: تحقيق ۾ انڪشاف

فالج هڪ اهڙو مرض آهي جنهن دوران دماغ کي نقصان پهچندو آهي ۽ جسم جو ڪو نه ڪو حصو مفلوج بڻجي ويندو آهي، ان مرض کي جيترو جلدي ڳوليو وڃي اوترو ئي ان جو علاج بهتر طريقي سان ٿي سگهي ٿو ۽ دماغ کي ٿيندڙ نقصان اوترو ئي گهٽائي سگهجي ٿو.
فالج جي مريض جي علاج ۾ جيتري دير ٿيندي اوتري ئي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي، ياد داشت کان محرومي ۽ رويي ۾ تبديلين جهڙي مسئلن جا خطرا وڌي ويندا آهن.
پر ان حوالي سان ڪيل تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته سڻڀ واري کير جو استعمال فالج جي مريض لاءِ وڏو فائديمند هوندو آهي.
تحقيق جي نتيجن موجب ”فل ڪريم ملڪ“ مطلب ته سڻڀ سان ڀريل کير ”اسڪمڊ ملڪ“ اٻاري ٿري هٽائڻ واري کِير کان بهتر آهي.
ماهرن موجب اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سڻڀ وارو کِير پيئڻ جي نتيجي ۾ فالج جا خطرا ڪيترائي گهٽجي ويندا آهن.
انهن وڌيڪ چيو ته ڪا به قدرتي شيءِ انساني صحت جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ناهي ٿيندي جيستائين ان غذا جو حد کان وڌيڪ استعمال نه ڪيو وڃي.
هنن چيو ته هر عمر جي گروپ ۾ عورتن جي مقابلي ۾ مردن ۾ وڌيڪ فالج جي بيماري وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي.
هڪ رپورٽ موجب هاءِ بلڊ پريشر، ٿولهه ۽ تماڪ جي گهڻي استعمال فالج جي مريضن جي انگ ۾ واڌ ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوجوانن ۾ فالج جي وڌندڙ بيماري تي ضابطو ڪرڻ لاءِ صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔