ڪورونا وبا وڌيڪ 73 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 2700 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 73 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 26 هزار 938 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 12 هزار 809 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گزريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 714 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 16 هزار 901، سنڌ ۾ 4 لک 46 هزار 840، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هزار 429، بلوچستان ۾ 32 هزار 658، گلگت بلتستان  ۾ 10 هزار 198، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هزار 293، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 490 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 86 لک 25 هزار 952  ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 56 هزار 733 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 8 هزار 339 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 122 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 73 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 938 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 291، سنڌ ۾ 7 هزار 192، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 310، اسلام آباد ۾ 892، بلوچستان ۾ 344، گلگت بلتستان ۾ 182 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 727 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔