فلوريڊا: 13 خوفناڪ فلمون ڏسندڙ لاءِ 13 سئو ڊالر انعام جو اعلان

فلوريڊا : هڪ آمريڪي ڪمپنيءَ اعلان ڪيو آهي ته ڪو شخص ان جي نگراني ۾ 13 هارر فلمون ڏسندو ته ان کي 13 سئو ڊالر (2 لک 18 هزار پاڪستاني رپيا)  ڏنا ويندا. اهو اعلان “فائنانس بز” نالي هڪ ميڊيا ڪمپني ڪيو آهي، جيڪا عام ماڻهن کي مالياتي معاملن بابت صلاحون ڏيندي آهي ۽ ان باري ۾ پنهنجي ويب سائيٽ تي بلاگز ۽ مضمون به شايع ڪندي آهي. هارر فلمن ۾ ڏسندڙن کي ڊيڄاري ڇڏيندڙ آواز ۽ نظارن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي پر ضروري ناهي ته هارر فلم ڏسڻ وارو ڊپ جي احساس ۾ مبتلا ٿي وڃي. ان تجربي ذريعي “فائنانس بز” اهو ڄاڻڻ چاهي ٿي ته گھٽ ۽ گھڻي بجيٽ واريون هارر فلمون ڏسندڙن کي ڪيتري حد تائين ڊيڄاري سگھن ٿيون. يعني ڪنهن هارر فلم تي ايندڙ لاڳت ۽ ان جي “ خوفناڪ هجڻ ۾ ڪو تعلق آهي يا نه؟  ان مقصد لاءِ ڪنهن هڪ شخص کي چونڊيو ويندو، جنهن کي دل جي ڌڙڪڻ تي نظر رکندڙ “ فٽ بٽ” اوزار سان ليس ٿيڻ کانپوءِ 13 هارر فلمون ڏسڻيون پونديون. اهي فلمون گھر م اڪيلي ويهي ڏسڻيون پونديون جڏهن ته ان دوران “ فٽ بٽ” سان ان جي دل جي ڌڙڪنن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن کي نوٽ ڪيو ويندو. تجربي لاءِ جن فلمن جي چونڊ ڪئي وئي آهي انهن ۾ ايمٽي ويلي هارر، اي ڪوائٽ پليس (پارٽ 1 ۽ 2)، ڪينڊي مين، انسائيڊيئس، دي بليئر وِچ پروجيڪٽ، سنسٽر، گيٽ آئوٽ، دي پرج، پيرانارمل ايڪٽيوٽي ۽ هيلووين (2018 ري ميڪ) شامل هونديون. اها فلم ڏسندڙ شخص کي 13 سئو ڊالرن کان سواءِ 50 ڊالرن جو تحفو به ڏنو ويندو ته جيئن اهو انهن فلمن کي اسٽريمنگ سروس تان ڏسڻ جو معاوضو ڏئي سگھي. هن انوکي تجربي لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪو به شخص درخواست ڏئي سگھي ٿ پر اهڙي ڪنهن شخص جي چونڊ “فائنانس بز” جي انتظاميا حتمي طور تي پاڻ ئي ڪندي. ان لاءِ رجسٽريشن شروع ٿي چڪي آهي. جيڪا 26 سيپٽمبر 2021ع تائين جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔