رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڇٽيهون چيئرمين مقرر

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان رميز راجا پي سي بي جو نئون چيئرمين مقرر ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور ڪمنٽيٽر رميز راجا بنا ڪنهن مقابلي جي پي سي بي جو 36هون چيئرمين چونڊجي ويو آهي.عبدالحفيظ ڪاردار، جاويد برڪي ۽ اعجاز بٽ کان پوءِ هو چوٿون رانديگر ۽ ٽيون اڳوڻو ڪپتان آهي جنهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چارج سنڀالي آهي. نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) عظمت شيخ طرفان گورننگ بورڊ جي خصوصي اجلاس ۾ رميز راجا جي مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار سامهون نه آيو جنهن کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر رميز راجا جي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون سربراهه بنجڻ جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو.گورننگ بورڊ جي ان اجلاس ۾ اسد علي خان، جواد قريشي، عاصم واجد، جواد، عارف سعيد ۽ عاليه ظفر شرڪت ڪئي. پي سي بي جو چيف ايگزيڪٽو وسيم خان به ان اهم اجلاس جو حصو هو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن رميز راجا تي اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن کان پوءِ هن پي سي بي چيئرمين جي ڪرسي تي ويهي ميمبرن جو ٿورو ادا ڪيو. رميز راجا ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ مستقبل جي پلان تي به روشني وڌي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔