بنا اجازت عمرو ڪندڙن تي وڏو ڏنڊ هڻڻ جو فيصلو

رياض : سعودي حڪومت بنا اجازت عمرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جتي عمري زائرين جو انگ 70 هزارن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اتي ئي وري ڪورونا وبا دوران احتياطي ۽ حفاظتي قدمن تحت هنگامي فيصلا ڪيا ويا آهن.
انهن نون فيصلن تحت عمري لاءِ اجازت نامي جي شرط جي ڀڃڪڙي تي 10 هزار ريال ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اها اجازت ناما سعودي عرب جي ڪووڊ 19 ٽريڪنگ ايپس تواڪلنا ۽ اعتمرنا تان حاصل ڪيا ويندا آهن.
ان کانسواءِ 12 کان 18 ورهين جا اهڙا مقامي ٻار، جن ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳرائي ڇڏيا آهن، اهي به عمرو ادا ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔