پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 67 فوتگيون، 2988 نوان ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 67 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 2988 نوان مريض به سامهون آيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا انگ اکر ٻڌائڻ واري ويب سائيٽ covid.gov.pk موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 53158 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2988 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته وائرس جي ڪري وڌيڪ 67 ماڻهو فوت ٿي ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.62 سيڪڙو رهي.

اين سي او جي انگ اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 26787 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 7 هزار 508 تائين پهچي چڪو آهي.

ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3391 ماڻهن ۾ ڪورونا مان صحيتاب به ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 10 لک 90 هزار 176 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 90545 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔