عمر شريف جي طبيعت ناساز، مداحن کي دعا جي اپيل

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف جي اهليه زرين عمر مداحن سان ان جي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.؎فيس بڪ تي عمر شريف جي تصديق ٿيل پيج تي هن جي گهرواري زرين عمر طرفان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن لکيو ته عمر شريف جي لاءِ ايندڙ 24 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن.زرين عمر مداهن کي اپيل ڪندي لکيو آهي ته مهرباني ڪري جيترو ٿي سگهي ان جي صح لاءِ دعا ڪيو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن عمر شريف جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ معروف ڪاميڊين وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي علاج لاءِ مدد طلب ڪئي هئي.وڊيو ۾ عمر شريف چيو هو ته ڊاڪٽرز چون ٿا منهنجو علاج آمريڪا ۾ ٿي سگهي ٿو، مان عمر شريف جناب وزيراعظم عمران خان کان مخاطب آهيان، عمران خان صاحب! جڏهن به توهان مون کي ڪال ڪئي مان توهان جي آواز تي لبيڪ چيو، مون کي به اميد آهي ته توهان منهنجي آواز تي لبيڪ چوندئو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔