ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي، شماريات کاتي پاران رپورٽ جاري

اسلام آباد: شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.شماريات کاتي موجب ملڪ ۾ مهانگائي هڪ هفتي دوران 1.37 سيڪڙو وڌي مجموعي طور تي 13.64 سيڪڙو تائين پهچي وئي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن لاءِ اها 17.20 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 24 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ۽ 5 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي جڏهن ته 22 شيون مستحڪم رهيون.رپورٽ موجب 20 ڪلو اٽي جو هڪ ٿيلهو 57.85 پئسن جي سراسري قيمت سان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو ، جنهن سان 20 ڪلو بيگ جي سراسري قيمت 1،222.7 رپيا ٿي وئي.زنده ڪڪڙ جي قيمت ۾ 15.27 رپيا في ڪلو واڌ ٿي، قيمت 214.47 رپيا في ڪلو تائين وڌي وئي ، جڏهن ته گيهه 5 رپيا في ڪلو وڌيو، گيهه جي سراسري قيمت وڌي 342.66 رپيا في ڪلو ٿي وئي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بصر جي قيمت 11 رپيا 92 پيسا في ڪلو ، ٽماٽو 11 رپيا 36 پيسا ، پٽاٽا 68 رپيا ، ٿوم 3 رپيا 63 پئسا ، دال 3 رپيا 65 پئسا ، انڊا 6 رپيا 29 پئسا ۽ گوشت 6 رپيا 10 پئسا في ڪلو مهانگو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔