اعظم سواتي طرفان اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، پارلياماني مامرن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران اعظم سواتي طرفان اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام ھنيا ويا آھن.

وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن کي جمهوريت تباهه ڪرڻ جي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز طرفان احتجاج طور اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيوويو.

اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي جائزي دوران بابر اعواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته مشين ڪهڙي هجڻ گهرجي، اُن سان حڪومت جو ڪوبه واسطو نه آهي، اليڪشن ڪميشن اعتراض نه، پر سفارشون ڏئي سگهي ٿي.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔