ڪراچي ۾ گھر جي ڀت ڪري پئي، ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت

ڪراچي: ڪراچي جي قصبه ايم پي آر ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا. ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته واقعو برساتي پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري حادثي طور تي قصبه ڪالوني جي آبادي ايم پي آر ڪالوني جي گهٽي نمبر 15 ۾ پيش آيو. ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته گذريل رات پيل برسات جو پاڻي آبادي ۾ جمع ٿي ويو ۽ مبينا طور تي پاڻي هن گهر ۾ داخل ٿي ويو جنهن تي گهر جو مالڪ رسول سعيد ۽ ٻيا باهر نڪري ويا پر عورت نصيب هوا ۽ هن جا ٻار ڪمري ۾ سمهيل رهيا جنهن دوران گهر ڊهي پٽ ٿي ويو. پوليس موجب واقعي جي اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ، فوتين جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا، فوتين ۾ مسمات خاوا زال رسول سعيد، 10ورهين جو نصيب، 4ورهين جو بشير ۽ 7ورهين جي مينا شامل آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔