ها مان ”فيمنسٽ“ آهيان: انجيلا ميرڪل

برلن : جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل پنهنجو ڊگهو اقتدار جو دور ختم ٿيڻ کان ڪجهه هفتا اڳ نيٺ اهو تسليم ڪري ورتو ته مان به هڪ فيمنسٽ ”عورتن جي حقن جي حامي“ آهيان.
جرمن شهر ڊسلڊورف ۾ هڪ تقريب دوران هن پهريون ڀيرو عورتن جي حقن جي حوالي سان پنهنجي موقف جو کليل نموني اظهار ڪيو.
ان موقعي تي نائجيريا جي ليکڪا ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار شيماماندا نغوزي اديشي به موجود هئي.
ميرڪل چيو ته اها معاشري ۾ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ مردن ۽ عورتن جي برابري جي ڳالهه آهي، ان لحاظ سان مان چئي سگهان ٿي ته مان به هڪ فيمنسٽ آهيان.
سندس چوڻ هو ته مردن ۽ عورتن ۾ برابري جي حوالي سان منهنجي اها راءِ ڪيترن ئي سالن جي غور ويچار جي نتيجي ۾ قائم ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔