نئين افغان حڪومت نائن اليون کي ويهه سال مڪمل ٿيڻ واري ڏهاڙي حلف کڻندي

ڪابل: نئين افغان حڪومت 11 سيپٽمبر تي نائن اليون جا 20 سال مڪمل ٿيڻ واري ڏينهن حلف کڻندي. طالبان طرفان ٻه ڏينهن اڳ نگران حڪومت جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ ملا محمد حسن اخوند کي افغانستان جو وزيراعظم جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي کي نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو.هاڻ رپورٽون آهن ته نئين افغان ڪابينه آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيندڙ حملي جا 20 سال مڪمل ٿيڻ واري ڏينهن يعني 11 سيپٽمبر تي حلف کڻندي. نئين افغان ڪابينه جي حلف برداري تقريب ۾ روس جا عهديدار به شرڪت ڪندا. آمريڪا ۽ يورپي يونين طرفان طالبان جي نگران حڪومت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان طرفان نئين افغان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو هو ته طالبان حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي آمريڪي ادارن کي گهربل آهن.طالبان جي نئين حڪومت جي ڪجهه نالن جي لاءِ دنيا کان قانوني حيثيت حاصل ڪرڻي پوندي. ٻئي طرف پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اميد ظاهر ڪئي آهي ته افغانستان ۾ نئين سياسي انتظام جي تحت امن، استحڪام ۽ سلامتي کي يقيني بنايو ويندو. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل چيو آهي ته سعودي عرب افغان عوام جي مدد لاءِ پرعزم آهي. افغان عوام بنا ڪنهن ٻاهرين مداخلت جي جيڪو به رستو چونڊ ڪندو سعودي عرب ان جي حمايت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔