حڪومت پاران هر صورت آءِ ووٽنگ ۽ اي وي ايم وسيلي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي وزير بابر اعواڻ چيو آهي ته مان ان غلط فهمي کي دور ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت آئي ووٽنگ ۽ اي وي ايم تان پوئتي هٽي ويندي، نه عمران خان ۽ نه ئي ان جي حڪومت آءِ ووٽنگ ۽ اي وي ايم تان پوئتي ٿيندي. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو بلڪل واضح آهي.حڪومت سمجھي ٿي ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان انڪار عدالت جي توهين آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني ريگيوليٽر آهي، اها اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته قانون مطابق چونڊون ڪرائي، قانون سازي نه اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي نه ئي اختيار. بابر اعواڻ چيو ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي ، جيڪڏهن اهو قانون ٺهي ويو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اي وي ايم ۽ آءِ ووٽنگ تي اعتراض ڪندڙن ڌانڌلي کي روڪڻ جو ڪو طريقو ئي ناهي ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔