”ڪراچي ۽ حيدرآباد واسين کي ماسڪ پارايو!“ گھروکاتي طرفان سڀاڻي خاص مهم هلائڻ جو حڪم

ڪراچي: گھروکاتي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته اين سي او سي جي ماسڪ پارائڻ واري ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سمورن شهرين کي خاص مهم هلائي ماسڪ پائڻ تي پابند بڻايو وڃي، شهرين ۾ ماسڪ ورهايا به ڪيا وڃن، ماسڪ بابت جاڳرتا ڦهلائي وڃي ۽ ميڊيا ۾ اشتهار ڇپرايا وڃن. دڪانن، مارڪيٽن، هوٽلن، شادي هالن، پارڪن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ تي عمل ڪرايو وڃي، خاص ٽيمون جوڙي ماسڪ واري ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ۽ گھروکاتي کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔