سکر ۾ فنڪشنل ليگ طرفان 1000 فوٽ جھنڊو ٺاھي فليگ مارچ

سکر: يوم دفاع جي حوالي سان فنڪشنل مسلم ليگ طرفان 1000 فوٽ جھنڊو ٺاھي فليگ مارچ ڪري پاڪ فوج جي شھيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. فليگ مارچ فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ جي اڳواڻي ۾ گوليمار کان ڪڍيو ويو، جيڪو مختلف علائقن کان ٿيندو لب مھراڻ سامھون گلوب چوڪ تي پهتو. ريلي ۾ شريڪ وڏي انگ ۾ ماڻھن جي ھٿن ۾ پاڪستان جو جھنڊو ھيو. فليگ مارچ ۾ شريڪ ماڻھو پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جي نعريبازي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔