بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون.

واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻنهي پارٽين وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا پر شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي دوري دوران پيپلز پارٽي کي هڪ سياسي حقيقت قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔