مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه جي عبوري ضمانت ۾ پنجويهه سيپٽمبر تائين واڌ

لاهور: احتساب  عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه جي عبوري ضمانت ۾ 25 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ايف آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جلد کان جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران شهباز شريف روسٽرم تي آيو ۽ بيان ڏنو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي. ايف آءِ اي به ڪوڙو ڪيس ٺاهيو.

شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به ايف آءِ اي مون کي گهرايو پيش ٿيس. عدالت اپوزيشن اڳواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن نيب جو ڪيس به آهي ته اوهان ان معاملي کي اعليٰ عدالت ۾ چيلنج ڪري سگهو ٿا جنهن تي شهباز شريف چيو ته ان معاملي کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان. عدالت جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي ايف آءِ اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻن مهينن ۾ اوهان صرف چار لائنون لکيون آهن. ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ ٽيم جو سربراهه ڊاڪٽر رضوان پاڻ پيش ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔