سنڌ ۾ برساتن سبب آبپاشي کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن جون موڪلون رد

ڪراچي: سنڌ ۾ برساتن سبب آبپاشي کاتي جي ملازمن ۽ آفيسرن جون موڪلون رد، موڪل واري ڏينهن به آفيسون کليل هجڻ جو سرڪيولر جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران سرڪيولر جاري ڪندي کاتي جون سموريون آفيسون موڪل وارن ڏينهن ۾ به کليل هجڻ جو سرڪيولر جاري ڪندي ملازمن، آفيسرن ۽ ٻئي عملي کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هُو موڪل واري ڏهاڙي به آفيسن ۾ حاضر رهن. آبپاشي کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته برساتن دوران ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملازمن جون موڪلون بند ڪيون ويون آهن. اختيارين ڄاڻايو آهي ته سمورا آفيسر ۽ ملازم اجازت کانسواءِ ھيڊڪواٽر نه ڇڏين، ڊرينيج ڊويزن سان لاڳاپيل سمورن عملدارن ۽ عملي کي خاص طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته غيرحاضر رهندڙ ملازمن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔