سنڌ سرڪار پاران 14 نوان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 14 اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي، قانون واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بيرسٽر سنديپ ملاڻي، اسفنديار کرل، بيرسٽر مھراڻ خان، سعيد احمد وساڻ، عمران علي جتوئي، سيف الله لوھر، علي رضا بلوچ، عمران ابڙو، اياز راڄپر، غلام عباس، اڪبر عقيلي، محسن شاھ ۽ سيد حسين شاھ کي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طور مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته قانون واري کاتي ٻه ھفتا اڳ وڏي وزير کي ڄاڻايل وڪيلن کي اي اي جي مقرر ڪرڻ لاءِ سمري اماڻي ھئي، وڏي وزير جي منظوري بعد قانون کاتي جي سيڪريٽري علي احمد بلوچ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔