مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون حڪومتي دعوائون کوکليون

ڪراچي: مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون حڪومتي دعوائون کوکليون ثابت ٿيون، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ لڳاتار واڌ جو سلسلو جاري آهي. شماريات کاتي موجب گذريل هفتي اٽو، ڪڪڙ، ٿوم، گوشت ۽ کاڄرو تيل سوڌو 17 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ٿيل انگ اکرن ۾ گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ ڏهائي ڇهه ست سيڪڙو واڌ جي تصديق ڪئي وئي. شماريات کاتي موجب کنڊ هڪ رُپيو 76 پئسا ۽ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 27 رُپيا 14 پئسا مهانگو ٿيو، گيهه جي اگهن ۾ به 3 رُپيا 18 پئسا واڌ ٿي ۽ ڪڪڙ جو گوشت 23 روپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو.رپورٽ موجب مسور دال 7 رپيا، بصر 3 رپيا، ٿوم 13 روپيا ۽ بيضا 5 رپيا 15 پيسا في درجن مهانگا ٿي ويا، جڏهن ته ٽماٽر، ڪيلا، مڱ جي دال ۽ پٽاٽا سستا ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔