سنڌ ۾ 21 ۽ 19هين گريڊ جي 80ڪامورن جو بحران: وفاق کان 21 گريڊ جي5 ڪامورن جي گهر

ڪراچي: سنڌ ۾ 21هين ۽ 19هين گريڊ جي ڪامورن جو بحران، سنڌ حڪومت وفاق )اسٽيبلشمينٽ ڊويزن( کان 21هين گريڊ جي 5 ڪامورن جون خدمتون گھُري ورتيون، 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ ڊائريڪٽرن سميت ٻين اهم پوسٽن لاءِ به 75 کان وڌيڪ آفيسر گھربل، سروسز کاتي جي اختيارين 19هين گريڊ جي پوسٽن جي کوٽ بابت چيف سيڪريٽري کي به تفصيلي آگاهي ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ سروسز کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته صوبي ۾21 هين گريڊ جون 21 پوسٽون آهن، هن وقت سنڌ وٽ 21هين گريڊ جا رڳو 16 آفيسر موجود آهن، سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي اختيارين کي خط لکي 21هين گريڊ جي وڌيڪ 5 آفيسرن جون خدمتون سنڌ حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. جڏهن ته ڪامورن جي کوٽ سبب تعليم، صحت، پلاننگ، ناڻي ، گھرو کاتي، لائيو اسٽاڪ، منارٽي، ليبر ، ورڪس، زراعت، ڪاليج ايجوڪيشن، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، اسپورٽس، زڪوات سميت ٻين کاتن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽريز، ڊائريڪٽرن سميت 19هين گريڊ جون 75 پوسٽون خالي پيل آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 18هين گريڊ جي ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ اڳ ٿيندڙ ٽريننگ دير سان ٿيڻ ڪري 19هين گريڊ جي پوسٽن تي بحران پيدا ٿيو آهي، چيف سيڪريٽري کي آگاهي ڏني وئي آهي ته 15 ڏينهن اڳ صوبائي ٽريننگ اڪيڊمي ۾ 18هين گريڊ جا 60 ڪامورا ٽريننگ تي ويل آهن، جن جي اڍائي مهينن ۾ ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 19هين گريڊ جي پوسٽن تي کوٽ وارو دٻاءُ گھٽجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔