سي اين جي مافيا بي لغام، گئس وڌيڪ 12 رپيا مهانگي ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي : سي اين جي مافيا بي لغام ٿي وئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سي اين جي مهانگائي ڪرڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون.
سي اين جي مافيا تازو في ڪلو گئس مهانگي ڪندي 180 رپيا ڪري ڇڏي هئي، ڊيلرز اگهن ۾ واڌ ايل اين جي جي درآمد تي ٽيڪس ۾ واڌ کي بنياد بڻائي ڪئي هئي، گڏوگڏ انهن ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ۾ واڌ واپس نه وٺڻ تي احتجاج جي ڌمڪي به ڏني هئي.
هاڻ سي اين جي قيمت ۾ وڌيڪ 12 رپيا واڌ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ اها في ڪلو 192 رپيا ٿي ويندي.
ان ڏس ۾ سي اين جي ايسوسيئيشن اڳواڻ غياث پراچا جو چوڻ هو ته اسان اوگرا جي نوٽيفڪيشن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، سي اين جي تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ پيٽرول ۽ ايل پي جي تي گهٽ ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي.
هن چيو ته سي اين جي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، سي اين جي سيڪٽر کي به مراعتون ڏنيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔