اسلام آباد: اوگرا پاران پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي. اوگرا پاران موڪليل سمري ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ساڍا 3 رپيا گهٽتائي جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه گاسليٽ 3 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه 5 رپيا في لٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.